راولپنڊي : فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان بيجنگ ۾ اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ گڏيل عزم ورجايو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي سرڪاري دوري دوران چين جي نائب صدر هان زينگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال ۽ سي پيڪ تحت رابطن جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ته ملاقاتن دوران گڏيل جيو-اسٽريٽجڪ چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڌرين خودمختياري، گهڻ رخي سهڪار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ گڏيل عزم ورجايو. چيني قيادت ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستاني فوج جي ڪردار کي ساراهيو، جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيندي هر شعبي ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.فيلڊ مارشل عاصم منير جي چين جي عسڪري قيادت سان ملاقاتن ۾ وائيس چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن جنرل زانگ يوشيا، پيپلز لبريشن آرمي جو پولٽيڪل ڪمشنر جنرل چن ۽ چيف آف اسٽاف ليفٽننٽ جنرل ڪائي زائي جن شامل هئا، جتي دفاعي ۽ سلامتي سهڪار، دهشتگردي جي خاتمي، گڏيل تربيت، دفاعي جديدڪاري ۽ ادارتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب، هائبرڊ ۽ سرحد پار خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل هم آهنگي ۽ اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. چيني عسڪري قيادت پاڪ-چين دفاعي ڀائيواري تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو.