بيجنگ : مرڪزي چين جي هونان صوبي ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ڊفينس ٽيڪنالاجي (اين ڊي يو ٽي) جي روبوٽڪس ليبارٽري ڳجھي فوجي آپريشنز لاءِ هڪ مڇر جيتري سائيز جو ڊرون تيار ڪيو آهي. NUDT جي محققن مختلف قسمن جي روبوٽن تي پنهنجو ڪم ڏيکاريو. جن ۾ انسان نما مشينن کان وٺي اهڙا ننڍڙا ڊرون، جيڪي اکين سان مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿا. جنهن بابت هڪ رپورٽ هفتي جي آخر ۾ چائنا سينٽرل ٽيليويزن جي فوجي چينل، CCTV-7 تي نشر ڪئي وئي. NUDT جو شاگرد ليانگ هيشيانگ جڏهن اهو ڊرون پنهنجي آڱرين جي وچ ۾ کڻي بيٺو هو ته CCTV کي ٻڌايو: “هتي منهنجي هٿ ۾ مڇر وانگر نظر ايندڙ روبوٽ آهي. اهڙا ننڍڙا بائيونڪ روبوٽ خاص طور تي ميدانِ جنگ ۾ ڳجھي معلومات گڏ ڪرڻ ۽ خاص مشنن لاءِ موزون آهن.” ان بي پائلٽ هوائي گاڏي (UAV) جي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته ان جي لٺ نما جسم جي ٻنهي پاسن تي پنن جهڙي بناوت وارا ٻه ننڍڙا پر لڳل آهن، ۽ ان سان گڏ ٽي وار وانگر باريڪ “لتون” پڻ لڳل آهن.