ايس سي او ۾ پاڪستان جو موقف مڃيو ويو، ڀارت پنهنجو ڪوڙو موقف مڃرائي نه سگهيو: خواجه آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت پنهنجو غلط ۽ ڪوڙ تي ٻڌل موقف هڪ انتهائي اهم عالمي فورم ايس سي او ۾ نه مڃرائي سگهيو.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته ڪابه ڌر سنڌ طاس معاهدو معطل نٿي ڪري سگهي، هاڻ ڀارت هٺ ڌرمي تي لهي آيو آهي ڇو ته جنگ ۾ پاڪستان کان شڪست کان پوءِ مودي ڪوڙا بيان ڏئي عزت بچائڻ چاهي ٿو. پر حقيقت اها آهي ته مودي جي سياسي زندگي جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن.

دفاع واري وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ ماحول ۾ ڪابه ڇڪتاڻ نه هئي، فورم جي رولز موجب سموريون شيون طئي ٿيون، انهي ۾ اهو شامل نه هو ته پنهنجي تقرير کان پوءِ ڪنهن ٻئي جي تقرير تي تنقيد جو موقعو ڏنو وڃي. پر هن(ڀارتي دفاع واري وزير) کي اهو موقعو نه مليو.

خواجه آصف چيو ته ايس سي او ۾ موجود جيترا به ملڪ هئا انهن پاڪستان جي موقف کان اتفاق ڪيو، اتي ڀارت پنهنجو غلط ۽ ڪوڙ تي ٻڌل موقف هڪ انتهائي اهم عالمي فورم تي نه مڃرائي سگهيو. اجلاس جي دوران ماحول خوشگوار ۽ غير تڪراري رهيو، سموري ڪارروائي تنظيم جي قائدن ۽ ضابطن جي تحت انجام ڏني وئي،  اجلاس ۾ ڪنهن ملڪ کي ٻئي جي تقرير تي تنقيد ڪرڻ يا جوابي موقف پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي جنهن سبب ڀارتي دفاع واري وزير کي موقعو نه مليو ته هو پاڪستان جي موقف کي چيلينج نه ڪري سگهيو.

هن وڌيڪ چيو ته انهي اهم عالمي پليٽ فارم تي موجود سمورن ميمبر ملڪن پاڪستان جي موقف کي سنجيدگي سان ورتو ۽ انهي کان اتفاق ڪيو، جڏهن ته ڀارت پنهنجي روايت موجب هڪ دفعو ٻيهر ڪوڙ تي ٻڌل بيان کڻي آيو پر اهو قبول جوڳو نه رهيو. سنڌ طاس معاهدي بابت سوال تي دفاع واري وزير چيو ته ڪابه ڌر انهي معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل نٿي ڪري سگهي. هن جو چوڻ هو ته ڀارت هن وقت ضد ۽ هٺ ڌرمي تي لهي آيو آهي ڇو ته انهي کي ماضي جيان جنگ ۾ پاڪستان جي هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

خواجه آصف چيو ته مودي حڪومت هاڻ پنهنجي سياسي زوال کي لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙن بيانن جو سهارو وٺي رهي آهي پر سچائي لڪي نٿي سگهجي، ڀارتي وزيراعظم جي سياست پنهنجي اختتامي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي فورمز تي هميشه امن ۽ حقيقتن جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ڀيري به ايس سي او ۾ اسان کي سچائي کي مڃيو ويو جڏهن ته ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي بدنامي برداشت ڪرڻي پئي.

Pakistan's position in SCO was accepted