اسلام آباد: پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدر، وزيراعظم طرفان خصوصي پيغام جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي پارليامينٽ اسان جي جمهوري نظام ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اهو ڏينهن گڏيل حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جي اهم ڪردار کي واضح ڪري ٿو. اسان جي پارليامينٽ اسان جي جمهوري نظام ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.
هن چيو ته پارليامينٽ قانون سازي جي اختيارن ذريعي احتساب، ايگزيڪٽو جي نگراني کي يقيني بنائي ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته سماجي تحفظ کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار اهم رهيو آهي.
شهباز شريف چيو ته اسان جا پارليامينٽ ميمبر عالمي پارلياماني سفارتڪاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسان جي پارليامينٽ امن، ترقي ۽ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، ڏکڻ ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ کان پوءِ پارلياماني وفد عالمي فورمز تي اسان جي نقطه نظر کي پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پارليامينٽ عوام جي خودمختار نمائنده ۽ آئيني قدمن جا نگهبان هوندا آهن، اسان جمهويت، آزادي، شموليت جي اصولن تي عمل پيرا آهيون، رواداري، معاشي، سماجي انصاف جي اصولن تي ڪم ڪندا رهنداسين.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پارليامينٽ قومي پاليسي جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پارليامينٽ شفاقيت، جوابداهي کي يقيني بنائڻ، پارليامينٽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي.
صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن اهم ڏينهن جي موقعي تي مان پارليامينٽ جي ڪاوشن جي تعريف ڪريان ٿو. پارليامينٽ جيان حڪمراني موثر، جمهوري ادارا موثر بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پارليامينٽ شفاف جامع ۽ عوامي ڀائيواري تي ٻڌل طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪوشان آهي.
هن چيو ته قانونساز ادارن جي اها ذميواري آهي ته اهي جمهوري قدمن جو تحفظ ڪن، پارليامينٽ عوامي احتساب کي يقيني بنائڻ لاءِ موثر نگراني جو سلسلو جاري رکندي. هن چيو ته اچو اهڙو پاڪستان تعمير ڪريون جتي جمهوريت تيزي سان وڌي ۽ ادارا مضبوط ٿين.