پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ بجيٽ هدف مقرر ڪرڻ لاءِ ڳالهيون اڄ متوقع

اسلام آباد: پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بجيٽ هدف مقرر ڪرڻ لاءِ اڄ ڳالهيون ٿينديون. گذريل هفتي جون ڳالهيون ايندڙ بجيٽ لاءِ هدف مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون.ذريعن موجب، فنانس سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين پاڪستاني ڳالهين واري ٽيم ۾ هوندا. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ جي ملاقات ڊگهي ۽ پيداواري هجڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کان ٽيڪس وصولي جي هدف ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 14,300 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو هدف گهريو آهي. آءِ ايم ايف نان فائلرز لاءِ پرڏيهي سفر ۽ گاڏين ۽ ملڪيت جي خريداري تي مڪمل پابندي چاهي ٿو، جڏهن ته پاڪستان صنعتي ۽ زرعي شعبن کي ترغيب ڏيڻ چاهي ٿو.آءِ ايم ايف ڀاڻ، زرعي ان پٽ ۽ مشينري تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، ۽ سڀني شعبن ۾ ٽيڪس ۾ رعايت جو خاتمو چاهي ٿو. آءِ ايم ايف زرعي ٽيڪس ۽ ڪاربن ليوي گڏ ڪرڻ جي ايڪشن پلان کي بجيٽ جو حصو بڻائڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب پاڪستان سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ترقياتي بجيٽ جي سائيز تي متفق آهن، آءِ ايم ايف پگهارن ۾ معمولي واڌ قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته پاڪستان پگهارن ۾ وڌيڪ واڌ چاهي ٿو، آءِ ايم ايف غير ترقياتي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ايف بي آر ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته سبسڊي صرف غريبن کي ڏني وڃي.