غزه: غزه ۾ غذائي کوٽ سبب 15 فلسطيني فوت ٿي ويا، جن ۾ 4 ٻار به شامل آهن.غزه ۾ غذائي کوٽ سبب 15 وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن سان بک ۽ غذائي کوٽ سبب ٿيندڙ موتن جو ڪُل انگ 101 ٿي ويو آهي.خيراتي تنظيم سيو دي چلڊرن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ صورتحال تباهي ڪندڙ آهي، هر ڪو بک جو شڪار آهي.ان کان علاوه، فلسطين جي ويسٽ بينڪ ۾ اسرائيلي حملي ۽ غزه ۾ خوراڪ جي پابندي خلاف هڪ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين مرد، عورتون ۽ ٻار شرڪت ڪئي ۽ چيو ته غزه ۾ ٻارن کي بک جي ڪري نه مارڻ گهرجي.ٻئي طرف، گذريل 24 ڪلاڪن ۾، غزه تي اسرائيلي فوج جي وحشيانه حملن ۾ 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، جن ۾ 31 فلسطيني به شامل آهن جيڪي امداد جي انتظار ۾ هئا.