اسلام آباد : چناب درياءَ ۾ هيڊ مرالا ۽ هيڊ قادر آباد تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.ٻوڏ جي اڳڪٿي ڊويزن موجب، سنڌو درياءَ ۾ تربيلا، ڪالاباغ ۽ چشمه تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.ٻوڏ جي اڳڪٿي ڊويزن موجب، سنڌو درياءَ ۾ تونسا ۽ گڊو بئراج تي به گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.اين ڊي ايم اي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ مختلف حادثن ۾ 21 وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 6 زخمي ٿيا آهن.