آئرلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان وومين ٽيم جو اعلان

لاهور : آئرلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان وومين ٽيم جو اعلان، فاطمه ثنا آئرلينڊ خلاف 3 ٽي 20 ميچن ۾ ڪپتاني ڪندي.وومين نيشنل سليڪشن ڪميٽي پاران اسڪلز ڪيمپ ۾ حصو وٺندڙ 24 رانديگرن مان 15 رڪني اسڪواڊ جو انتخاب ڪيو ويو.ڪراچي؛ آئرلينڊ روانگي کان اڳ، هڪ پري سيريز ڪيمپ ڪراچي ۾ منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته آئرلينڊ خلاف سيريز 6 کان 10 آگسٽ تائين ڊبلن ۾ کيڏي ويندي.قومي اسڪواڊ ۾ عاليه رياض، ڊيانا بيگ، ايمان فاطمه، گل فيروزه، منيبا علي، ناجيه علوي (وڪيٽ ڪيپر) شامل آهن.ان کان علاوه، نشره سنڌو، نتاليا پرويز، رامين شميم، صدف شمس، سعديه اقبال، سدره امين، طوبا حسن ۽ وحيده اختر به 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل آهن.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايمان فاطمه کي پهريون ڀيرو قومي وومين اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن 2023 جي وومين انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.