سائنسدانن هڪ نئون سسٽم تيار ڪيو آهي جيڪو سمارٽ فونز کي زلزلي جي اڳڪٿي ڪندڙ اوزار بڻائي سگهي ٿو. هي سسٽم ماڻهن کي وڏي زلزلي کان اڳ وقت سِر خبردار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارگر طريقو ثابت ٿيندو.
ٽيڪنالوجي ڪمپني گوگل ۽ يو ايس جيولوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس) جي ماهرن پاران تيار ڪيل هن سسٽم ۾ لکين فونز کان حاصل ٿيل ڊيٽا جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن ڪنهن زلزلي جي جھٽڪن جا شروعاتي سگنل ڄاڻي سگهجن.
جڏهن وڏي انگ ۾ ڊوائيسز زمين جي هڪجهڙي حرڪت جو جائزو ڪنديون آهن ته سسٽم ان جي سڃاڻپ ڪري ٿو ۽ ويجهي علائقن ۾ ٻين ماڻهن لاءِ خبرداري جاري ڪري ٿو.
جرنل سائنس ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن نيٽورڪ هڪ مهيني ۾ 300 کان وڌيڪ زلزلن جي نشاندهي ڪئي. جن علائقن ۾ خبرداريون موڪليون ويون، انهن مان 85 سيڪڙو ماڻهن، جن بعد ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا، چيو ته انهن کي خبرداري ملي هئي.
انهن مان 36 سيڪڙو کي زلزلي کان اڳ، 28 سيڪڙو کي ان جھٽڪن دوران ۽ 23 سيڪڙو کي پوءِ خبرداري ملي.
تحقيق موجب جيتوڻيڪ هي سسٽم رواجي سيزمڪ سينسرز جي جاءِ نه وٺي سگهي ٿو، پر هي هڪ وسيع سائنسي نيٽورڪ کان سواءِ علائقن کي وڏي پيماني تي گهٽ قيمت ۾ شروعاتي خبردار ڪرڻ وارو اوزار فراهم ڪري سگهي ٿو.