سوات جي مدرسي ۾ تشدد سبب ٻارڙو فوت، استاد گرفتار، مدرسو سيل

سوات: سوات جي مدرسي ۾ استاد جي تشدد سبب معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي. پوليس موجب سوات جي علائقي خوازه خيله چاليار جي مدرسي ۾ استاد جي تشدد سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ هڪ استاد کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻين 2 استادن جي ڳولا جاري آهي.

ڊي پي او سوات موجب مدرسي ۾ وڌيڪ ٻارن تي تشدد جو انڪشاف سامهون اچڻ تي وڌيڪ 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي پي او سوات جو چوڻ آهي ته چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ جي تحت به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مدرسي مان ٻارن تي تشدد ۾ استعمال ٿيندڙ سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.ڊي پي او سوات موجب خوازه خيله، چيليار مدرسي ۾ ٻارن تي ڪيترن ئي مهينن کان تشدد ڪيو ويندو هو، پوليس مدرسي ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي والدين جي حوالي ڪري اداري کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

A child died due to violence in a seminary in Swatthe teacher was arrested