ڪراچي : اداڪارا ڪومل مير پنهنجي ساٿي اداڪار فيروز خان جي واکاڻ ڪندي کيس حقيقي زندگيءَ جو ” هيرو“ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ڪومل مير مختلف مرد ساٿي اداڪارن جي مزاج بابت ڳالهايو.
هن ٻڌايو ته دانش تيمور کائنس گهڻو سينيئر آهن، گڏ ڪم به ڪيو پر سندس بابت گهڻو ڪجهه نه چئي سگهي.
منيب بٽ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ٻن ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو، هڪ ۾ هوءَ ساڻس نفرت ۽ ٻئي ۾ محبت ڪندي نظر آئي.
هن چيو ته منيب بٽ ڪڏهن ڪڏهن تنگ ڪندو آهي، پر عادت ۾ سٺو ۽ مزاحيه شخصيت جو مالڪ آهي.
هارون قدواني بابت سوال تي هن ٻڌايو ته هو گهڻو مذهبي ماڻهو آهن، اڪثر پنهنجي دنيا ۾ گم رهندو آهي ۽ هڪ ڀيرو ترجمي سان قرآن پاڪ پڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪرڻ تي هارون قدواني قرآن پاڪ تحفي طور ڏنو هو.
خوشحال خان بابت هن چيو ته جڏهن گڏ ڪم ڪيو ته هو ٻار هو پر هاڻي وڏو ٿي بهترين شخصيت جو مالڪ ۽ خيال رکڻ وارو بڻجي ويو آهي.
اداڪارا اذان سميع خان جي به تعريف ڪئي پر دانش تيمور جيان سندس بابت به گهڻو نه ڳالهايو.
فيروز خان بابت سوال تي ڪومل مير کيس پنهنجو پراڻو دوست قرار ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ هو عمر ۾ هن کان وڏو آهي، پر ٻنهي ۾ سٺي دوستي آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ۽ فيروز خان دوست طور بنا ڪنهن کي محسوس ڪرائيندي مدد ڪندو رهي ٿو ۽ مختلف موقعن صحيح مشورا پڻ ڏيندو آهي.
ڪومل مير کلندي چيو ته فيروز خان کي حقيقي زندگيءَ ۾ ” هيرو“ بڻجڻ جو شوق به آهي ۽ هو حقيقي زندگيءَ ۾ به هيرو ئي آهي.