حماس پاران ڳالهين لاءِ رضامندي جو اعلان، پرڏيهي ميڊيا دعويٰ

غزهه: بين الاقوامي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته فلسطيني تنظيم حماس ڪالهه اعلان ڪيو ته هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڏنل ‘آخري وارننگ’ کان فوري پوءِ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ تيار آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، حماس پنهنجيون شرطون واضح ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪنهن به معاهدي ۾ فلسطين مان اسرائيل جي مڪمل واپسي ۽ غزه جي انتظام لاءِ هڪ آزاد فلسطيني ڪميٽي جي قيام شامل هجڻ گهرجي.حماس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان پنهنجي ماڻهن خلاف جاري جارحيت کي روڪڻ جي هر ڪوشش جو استقبال ڪريون ٿا، اسان کي آمريڪي طرف کان ڪجهه تجويزون مليون آهن جيڪي جنگ بندي جي معاهدي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، اسان ثالثن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ته جيئن انهن تجويزن کي هڪ جامع معاهدي ۾ تبديل ڪري سگهجي.

Hamas's declaration of consent to talks