هيڪلي هئڻ جا ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا نقصان آهن؟

اڪيلائپ هڪ اهڙو احساس آهي جيڪو هر ڪنهن جي زندگيءَ جو حصو ضرور بڻيو هوندو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو لڳاتار ان احساس جو شڪار هوندا آهن، لڳاتار اڪيلائپ جو شڪار رهندڙن کي ته پاڻ بابت ضرور ڳڻتي ڪرڻ گهرجي پر ڪڏهن ڪڏهن ان احساس ۾ مبتلا ٿيندڙ ماڻهن کي به انکي هلڪو نه وٺڻ گهرجي ڇو ته اڪيلائپ رڳو هڪ وقتي احساس ناهي پر اهو هڪ سنجيده نفسياتي ۽ جسماني مسئلو بڻجي سگهي ٿو.

هڪ تازي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اڪيلائپ جو تجربو ڊگهي عرصي تائين رهي ته انسان جي ذهني، جذباتي ۽ جسماني صحت تي گهرو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته خطرناڪ اثر به ڇڏي ٿو.

هيٺ اسان اڪيلائپ جا نقصان ٻڌائينداسين جيڪڏهن توهان به اڪيلائپ جو شڪار آهيو ته فوري طور تي ان مان جند آجي ڪرايو.

ذهني صحت تي پوندڙ اثر

ڊپريشن: اڪيلائپ ڊپريشن جي سڀ کان وڏي سببن مان هڪ آهي، جڏهن ماڻهو پاڻ کي ٻين سان جڙيل محسوس نه ڪري ته مايوسي، بيزاري ۽ خوداعتمادي ۾ گهٽائي ايندي آهي.

ذهني دٻاءُ: اڪيلا ماڻهو ننڍي کان ننڍي ڳالهين تي به گهڻو دٻاءُ محسوس ڪندا آهن. انهن جو ڪورٽيسول جهڙو دٻاءَ وارو هارمون لڳاتار بند رهندو آهي.

يادداشت ۽ سوچڻ جي صلاحيت: تحقيق مان خبر پئي آهي ته اڪيلائي دماغ جي انهن حصن کي متاثر ڪندي آهي جيڪي يادداشت، سکڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت بابت هوندا آهن.

دماغي بيمارين جو خطرو: ڊگهي مدي جي اڪيلائي، ڊيمينشيا يا ٻين ذهني صلاحيتن جي خطرن کي 60-60 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي ٿو.