چيٽ بوٽ جيمني ٻارن لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار

لنڊن : هڪ نئين حفاظتي رپورٽ والدين کي خبردار ڪري ٿي ته گوگل جو مصنوعي ذهانت وارو چيٽ بوٽ جيميني ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. غير سرڪاري تنظيم ڪامن سينس ميڊيا جي هڪ نئين حفاظتي رپورٽ موجب جيميني ڪجهه فلٽرن جي باوجود ٻارن کي ڪجهه نامناسب مواد فراهم ڪري ٿو، رپورٽ موجب، جيميني ٻارن کي جنسي مواد، منشيات، شراب ۽ غير محفوظ ذهني صحت جي صلاح فراهم ڪري ٿو ۽ ذهني صحت جي سنگين علامتن کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن لاءِ اي آءِ پليٽ فارم انهن جي عمر ۽ ترقي جي مرحلي مطابق ٺاهيا وڃن، ۽ والدين لاءِ بهتر آهي ته اهي پنهنجن ٻارن جي اي آءِ جي استعمال جي ويجهي نگراني ڪن.