اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
حڪومت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 56 پئسا في ليٽر اضافو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 252 روپيه 66 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيه 96 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 258 روپيه 34 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.