50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ کي ڪامياب قرار ڏيڻ جي درخواست رد

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي آئيني شق تحت اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو ووٽ اميدوار لاءِ لازمي قرار ڏنا وڃن؟ ڪامياب اميدوار جو فيصلو اليڪشن ۾ مليل ووٽن تي ٿيندو آهي.جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته پهريان ٻڌايو وڃي ته درخواستگذار جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي، آئين جي ڪهڙي شقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي؟جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن نئون قانون ٺاهڻو آهي ته سپريم ڪورٽ کي اختيار ناهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پارليامينٽ اسان جي زندگي جو فيصلو ڪندي.جسٽس امين الدين خان چيو ته پارليامينٽ زندگي جو فيصلو ناهي ڪندي.جسٽس مسرت هلالي چيو ته ووٽ ڏيڻ جو حق سڀني کي آهي، پولنگ واري ڏينهن ماڻهو ٽي وي ڏسن ٿا، ووٽ ڏيڻ نٿا وڃن، جيڪڏهن ووٽر ووٽ نه ٿا ڏين ته اها ووٽر جي ڪمزوري آهي.جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان فيبروري 2024 جي اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟ درخواستگذار چيو ته هن اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان ٻيهر آئين جي توهين ڪري رهيا آهيو. آئيني بينچ بي بنياد ڪيس داخل ڪرڻ تي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.جنهن تي درخواستگذار چيو ته ڏنڊ گهٽ ۾ گهٽ 100 ارب رپيا ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جو قرض گهٽ ٿئي.جسٽس امين الدين خان چيو ته توهان جو موقف ناهي ته 100 ارب رپيا ڏنڊ ڏيو.