ڪوئيٽا: قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي دهشتگردن حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي فوري بعد فورسز جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.
ميڊيا ذريعن موجب ضلعي قلات جي شاهه مردان چيڪ پوسٽ تي نامعلوم هٿياربندن جي حملي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن. شروعاتي ڄاڻ موجب شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي ڪوئٽه منتقل ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته هلندڙ مهيني 9 نومبر تي ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي ٿيل هڪ آپگهاتي ڌماڪي ۾ عورت سميت 26 ڄڻا فوت جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.