وزيراعظم ڪوئيٽا جي دوري تي پهچي ويو، اهم فيصلن جو امڪان

ڪوئيٽا: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو.ايئرپورٽ تي شهباز شريف جو استقبال بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي ۽ ٻين عملدارن ڪيو.وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو.اجلاس ۾ گورنر، وڏو وزير، وفاقي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدار شرڪت ڪندا.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي گورنر، وڏي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرن سان به ملاقات ڪندو.وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوئيٽا دوري جي موقعي تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.دوري جي موقعي تي ايئرپورٽ روڊ ۽ زرغون روڊ تي سيڪيورٽي لاءِ اضافي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.وزيراعظم جي آمد تي ايئرپورٽ روڊ ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي سڪيورٽي اهلڪار گشت پڻ ڪري رهيا آهن.

Prime Minister reached Quetta visit