اسڪردو: پاڪستاني ڳائڻي قرة العين بلوچ رڇ جي حملي ۾ زخمي ٿي پئي.ڳائڻي قرة العين بلوچ تي ديوسائي نيشنل پارڪ ۾ ڪئمپنگ دوران هڪ رڇ حملو ڪيو، جنهن سبب هوءَ زخمي ٿي پئي.ڊاڪٽر موجب، قرة العين بلوچ جا ٻئي هٿ رڇ جي پنن جي ڪري زخمي ٿيا هئا. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته قرة العين بلوچ کي ريجنل اسپتال اسڪردو منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ملڻ کان پوءِ کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو.