ڪراچي ۾ 8 کان 10 سيپٽمبر تائين طوفان جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ ۾ 7 کان 10 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان تيز برساتن جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، 6 سيپٽمبر تي راجستان ۽ سنڌ جي آس پاس جي علائقن ۾ گهٽ دٻاءُ پهچڻ جو امڪان آهي. 6 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر جي شام يا رات تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ مينهن پوڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان ۾ به مينهن پوڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، 7 سيپٽمبر تي ڪراچي جي ٻاهرين علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي مينهن پئجي سگهي ٿو. 8 کان 10 سيپٽمبر تائين ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گجگوڙ سان طوفان اچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو پڻ آهي.