7 کان 10 سيپٽمبر تائين سنڌ ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي، ڪراچي سميت مختلف شهرن جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان

ڪراچي: 7 کان 19 سيپٽمبر جي دوران سنڌ ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ هن وقت ڀارتي رياست مدهيه پرديش ۾ آهي، هوا جو گهٽ دٻاءُ 6 سيپٽمبر تي راجستان سان لاڳاپيل سنڌ جي علائقن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. انهي نظام سبب سنڌ ۽ پنجاب جي اوڀرين علائقن ۾ 6 سيپٽمبر کان تيز سانوڻي هوائون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 7 کان 10 سيپٽمبر جي دوران ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، حيدرآباد، ٺتو، بدين، سجاول، ڄامشورو، دادو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي.

تيز برساتن سبب ڪراچي جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. تيز برسات سبب ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، ٿرپارڪر، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، سجاول ۽ حيدرآباد جا علائقا به پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي. اسلام آباد، راولپنڊي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ 6 کان 8 سيپٽمبر جي دوران برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته برسات سبب پنجاب ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، برساتي ندي نالن ۾ به چاڙهه جو خطرو آهي.