ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ اڄ ۽ سڀاڻي انٽرنيٽ سروس بند

ڪوئيٽا : پي ٽي سي ايل ۽ اين ٽي سي جون انٽرنيٽ وائرليس، 3جي ۽ 4جي سروسز اڄ ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ بند رهنديون. گهرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي، اڄ شام 6 وڳي کان ڪوئيٽا سميت سڄي صوبي ۾ 3G ۽ 4G سروسز مڪمل طور تي بند رهنديون ۽ 6 سيپٽمبر تي رات 9 وڳي تائين معطل رهنديون.نوٽيفڪيشن موجب، پي ٽي سي ايل ۽ اين ٽي سي جون انٽرنيٽ وائرليس سروسز ڪوئيٽا، سبي، مستونگ، خضدار ۽ نوشڪي ۾ بند رهنديون.