اسلام آباد: برطانيه سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري قدم کڻندي خميس تي اضافي 45 ڪروڙ 44 لک روپيه(12 لک پائونڊ) امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ته جيئن حڪومت کي ٻوڏ صورتحال ۾ مدد ڪري سگهجي ۽ آفت اچڻ کان اڳ مقامي برادرين کي تيار ڪري سگهجي.
برطانوي هاءِ ڪميشن اسلام آباد جي پريس رليز موجب نئين امداد کان پوءِ پاڪستان جي لاءِ برطانيه جي گڏيل انساني همدردي جي امداد 95 ڪروڙ 80 لک روپيه(25 لک 30 هزار پائونڊ) تائين پهچي وئي آهي جنهن جي ذريعي سموري ملڪ ۾ 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي حياتيون بچائڻ جي لاءِ مدد ڏني پئي وڃي.
نئين امداد سنڌ ۾ غير سرڪاري تنظيمن(اين جي اوز) کي ڏني پئي وڃي. ته جيئن وقت کان اڳ وارننگ سسٽمز ۽ ڪميونٽي انخلا، فوري امداد جي مستحق ڪمزور گهراڻن جي نشاندهي، ضروري سامان ۽ چوپائي مال جي تحفظ لاءِ سامان جي اڳواٽ فراهمي ۽ انخلا مرڪز جي تياري کي يقيني بنائي سگهجي. اهي قدم زندگي بچائڻ جي لاءِ نهايت اهم آهن، انهن جو مقصد آفت اچڻ کان اڳ برادرين کي محفوظ بنائڻ آهي.
برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته سنڌ وٽ تياري ڪرڻ ۽ ايندڙ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هي هڪ نهايت اهم وقت آهي، هر هڪ ڊالر جيڪو بچاءُ تي خرچ ٿيندو آهي، انهي جي ذريعي بعد جي امدادي ڪارروائين ۾ ست ڊالر تائين جي بچت ٿيندي آهي، سڀني کان وڌيڪ زندگيون بچائڻ ۽ تباهي کان بچاءُ ممڪن هوندو آهي.
اها نئين امداد انهي 13 لک 30 هزار پائونڊ(50 ڪروڙ 36 لک روپين) کان علاوه آهي. جنهن جو اعلان 22 آگسٽ تي ڪيو ويو هو. جيڪو خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ فوري رد عمل ۽ امدادي ڪارروائين ۾ استعمال ٿي رهيو آهي.
انهي امداد ۾ خشڪ راشن جي فراهمي، ڳولا ۽ بچاءُ جون ڪارروايون، موبائل ميڊيڪل ڪيمپس، پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي بحالي، آبپاشي شاخن جي مرمت، روزگار، زراعت جي بحالي لاءِ شامل آهن.
انهي کان علاوه برطانيه پاڪستان ۾ اسٽارٽ ريڊي ڊيزاسٽر رسڪ فنانسنگ سسٽم ۾ به تعاون ڪيو آهي انهي جي تحت 18 ڪروڙ 90 لک روپيه(5 لک پائونڊ) جاري ڪيا ويا آهن جن سان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار ماڻهن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي آهي ته جيئن مستقبل ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل انساني نقصانن جي پيش بندي ۽ گهٽٽائي ممڪن ٿي سگهي.