فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ سان مسئلا وڌندا: مارڪو روبيو

واشنگٽن : آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته آمريڪا سڀني ملڪن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ سان مسئلا وڌندا.مارڪو روبيو، ايڪواڊور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن سڀني ملڪن کي ٻڌايو ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ بابت انهن جا بيان غلط ۽ غير حقيقي آهن.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا انهن ملڪن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن انهن اهو ڪيو ته وڏا مسئلا پيدا ٿيندا ۽ رد عمل ٿيندو. هن چيو ته ان سان غزه ۾ جنگ بندي حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو، ۽ ائين ڪرڻ سان غزه ۾ جاري آپريشن وڌي سگهن ٿا. ياد رهي ته برطانيا ۽ فرانس سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن هن مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين کي هڪ رياست طور تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.