سنڌ ۾ 3 ڏينهن لاڪ ڊائون ۾ سختي بعد نرمي، ڪاروبار کلي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ 3 ڏينهن لاڪ ڊائون ۾ سختي بعد نرمي، ايس او پيز تحت ڪاروبار کلي ويو، ماڻهن جي بازارن ۾ رش وڌي وئي آهي، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، سکر، ميرپورخاص، دادو، شڪارپور، ميهڙ، باقراڻي، ڏوڪري، باڊهه، ڳڙهي ياسين، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد، تنگواڻي، هڱورجا، خيرپور، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار کلي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ زينب مارڪيٽ سميت ٻيون سيل ڪيل مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز کلي ويا، اسسٽنٽ ڪمشنر آصف رضا چانڊيو جي موجودگي ۾ مارڪيٽون ڊي سيل ڪيون ويون، سنڌ ۾ واپارين پاران اڄ هر صورت رات دير تائين مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سعيد غني چيو آهي ته قومي رابطا ڪميٽي ۾ 31 مئي تائين شاپنگ مالز نه کولڻ تي اتفاق ٿيو هو، تحريڪ انصاف سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائي رهي آهي