منهنجي سزا گهٽايو، قيدي اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو

پيرس: فرانس جي اتر اولهه علائقي ڪونڊي سر سارٿي جي جيل ۾ چاقو بردار قيدي عورت گارڊ سميت ٻن گارڊن کي يرغمال بڻائي ورتو.
فرانس جي ميڊيا موجب يرغمال بڻائڻ جي ڪارروائي ۾ هڪ گارڊ زخمي ٿي پيو، ٿوري دير کانپوءِ قيدي يرغمال بڻايل عورت کي ڇڏي ڏنو.
ٻڌايو پيو وڃي ته قيدي قتل واري قدم ۽ زيادتي جي ڏوهه ۾ ڊگهي قيد جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، قيدي جا سزا ۾ گهٽتائي سميت مختلف مطالبا آهن.
فرانس جي انصاف واري وزارت جو چوڻ آهي ته قيدي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي.