پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون هاڻي به گهٽ آهن: فواد چوڌري

ڪراچي: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته خطي ۾ تيل جا  اگھ سڀ کان گهٽ پاڪستان ۾ آهن.

پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته توهان تيل ٻاهران خريد ڪئندو ته اُتي اگهه وڌڻ سان پاڪستان ۾ به اگهه وڌي ويندا، حڪومت جي اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ اطمينان جوڳي واڌ ٿي آهي.

ٻئي پاسي فواد چوڌري ميڊِيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي روس جي صدر سان ملاقات طئي هئي، صدر پيوٽن قرنطينه ۾ هجڻ جي ڪري دوشنبي نه پيو اچي، صدر پيٽون ۽ وزيراعظم عمران خان جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ جلد ملاقات ٿيندي.

فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جا ويجها ۽ ڀائيراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم تاجڪستان ۾ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروبار رابطه وڌائڻ تي به ڳاليهون ٿينديون، افغانستان جي صورتحال ڪانفرنس جو اهم حصو آهي، تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي.