هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري گهروارين کان حقيقت لڪائيندڙ مردن لاءِ شامت اچي وئي

اسلام آباد: توهان عورت آهيو ۽ توهان کي شڪ آهي ته توهان جي مڙس هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون آهن، يا توهان اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان جي مڙس جون گهڻيون شاديون ڪيل آهن ته توهان کي ان لاءِ ڪا گهڻي محنت ڪرڻ جي يا ڪو جاسوس ڀاڙي تي حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هاڻ اهو سڀ ڪجهه آساني سان معلوم ٿي سگهي ٿو، توهان رڳو ايس ايم ايس اماڻي ئي اهو سچ معلوم ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن توهان مرد آهيو ته اهو سمجهي وڃو ته توهان پنهنجون هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪنهن کان به خاص طور تي پنهنجي گهرواري کان نه ٿا لڪائي سگهو، ان لاءِ نيشنل ڊيٽا بيس اٿارٽي يا نادرا هڪ نئين سروس شروع ڪئي آهي جنهن مان اها خبر پئجي سگهندي ته ڪنهن جون هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيل آهن يا وري ڪيتريون شاديون ڪيل آهن؟ ان لاءِ بس رڳو مرد جو شناختي ڪارڊ هٿ ڪري نادرا کي ايس ايم ايس ۾ اماڻڻو آهي. عورتن حڪومت جي ان سهولت جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته دير آيد درست آيد، هاڻ مڙس چاهيندي به پنهنجي شادي نه لڪائي سگهندو