دنيا کان بيزار سربيائي همراهه 16 سالن کان غار ۾ رهڻ لڳو

سربيا جي هڪ شخص عالمي خابرو ذريعن ۾ غير معمولي ڪوريج حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪو گذريل 16 سالن کان شهري زندگي کان پري هڪ غار ۾ رهي پيو، جتي هو هڪ تمام وڏي سوئر سميت ڪيترن ئي جانورن سان رهندڙ آهي. شهري پينٽا پيٽرووِچ سربيا جي مشهور درياءَ گريڊائسنيڪا وٽ هڪ غار ۾ رهي ٿو ۽ ان جو هڪ دوست جانور سوئر به آهي، جنهن جو وزن 2 سئو ڪلو آهي. اهو شهري زندگي کان پري رهندو آهي، کيس وڏي مشڪل سان ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. 70 سالن جي پينٽا جي رهڻي ڪهڻي جي ڪري ماڻهو ان جي ذات ۾ دلچسپي وٺن ٿا پر ان جي پنهنجي شهر جا ماڻهو ان جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهين ٿا. گذريل 16 سالن کان هو هڪ وڻ تي ٺهيل هڪ کُڏيءَ جهڙي گھر ۾ رهندو آهي ۽ باقي اڌ وقت هو 35 ميٽر ڊگھي غار ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو، جيڪا درياهه ڀرسان هڪ گھَيڙ تي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هو ڇڪتاڻ ڀريل جديد دنيا کان بيزار آهي.
هو پنهنجي ڪيترن ئي پالتو جانورن سان گڏ غار ۾ رهندو آهي ۽ سندس دعويٰ آهي ته اها زندگي تمام سٺي آهي. هو ان کان اڳ شهر ۾ رهندي پنهنجي مهارت سان ڪيتريون ئي شيون ٺاهيندو رهيو آهي ۽ ڪافي ناڻو به ڪمايو ۽ ان جي دوستن جو به ڪافي وسيع ميڙ هو، پر جيئن ئي هن تي برو وقت آيو ته سڀ دوست ان کي ڇڏي ويا. پينٽا ڪيترائي سال اڳ هڪ ترڪي جي اخابر کي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته “آئون هاڻي روايتي دنيا ۾ نٿو رهي سگھان، ڇو جو اهڙي آزادي پيسن سان به نٿي ملي، پاڻي جو بل ناهي ڏيڻو، بجلي جي اچ وڃ جو ڊپ ناهي ۽ ڀرپاسي جي فطرت جا خوبصورت نظارا ملن ٿا” هو سياري ۾ باهه ٻاري گرمي حاصل ڪندو اهي. دريا ۾ وهجندو آهي، زمين تي سمهندو آهي پر ڪنهن کان شڪايت نٿو ڪري. ان جي خيال ۾ اها بهترين زندگي آهي ۽ پاڻ کي ٻين کان لک ڀيرا بهتر سمجھندو آهي.