عورت پاران جهاز جو دروازو کولڻ جي ڪوشش

ٽيڪساس : عورت پاران جهاز جو دروازو کولڻ جي ڪوشش، مسافرن جو ساهه سڪي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ٽيڪساس کان اترڪيرولائنا ويندڙ جهاز ۾ سوارعورت اوچتو سيٽ تان اٿي ۽ دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جهاز ۾ سوار مسافر عورت جي ان حرڪت کي ڏسي خوف ۾ وٺجي ويا، عملي پاران کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عورت وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ عملي جي ڪجهه ماڻهن کي چڪ پاتا ۽ ننهن سان رهڙون پڻ ڏنيون، جنهن سبب جهاز ۾ افراتفري ڦهلجي وئي، مسافرعورت رڙيون ڪندي رهي، جنهن بعد سيڪيورٽي عملي تڪڙي ڪارروائي ڪندي کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته جهاز ۾ اهڙي قسم جي ڪابه حرڪت ڪرڻ کي قانوني طور ڏوهه سمجهيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ان سان جهاز ۾ سوار مسافرن جي زندگي داءُ تي لڳي ويندي آهي. عورت کي اتر ڪيرولائنا پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جٿي سندس بابت فيصلو ڪيو ويندو.