مڙس جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ عورت قاتل سان ئي شادي ڪري ڇڏي!

باجوڙ : باجوڙ ۾ هڪ حيرت جوڳو واقعو پيش آيو آهي، جتي عورت پنهنجي مڙس جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ قاتل سان ئي شادي ڪري ڇڏي.
قبيلائي ضلعن ۾ پهريون ڀيرو پوليس عورت کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي ڏوهه جي نوعيت به انوکي آهي.
پوليس موجب عنايت قلعي جي ڪشمير بي بي نالي عورت پنهنجي مڙس کي گوليون هڻي قتل ڪيو، حقيقت ۾ اهو عورت جو ٻيو مڙس آهي، جيڪو سندس پهرئين مڙس جو قاتل هو.
عورت ٻڌايو ته موجوده مڙس گلستان اڳوڻي مڙس شاهه زمين کي زهريلي سُئي لڳائي ماريو هو، جنهن کانپوءِ مان پلاند وٺڻ لاءِ گلستان سان اڳ ۾ دوستي ۽ پوءِ شادي ڪري ڇڏي.
پوليس موجب گلستان کي قتل ڪرڻ لاءِ عورت ڪرائي تي گهر ورتو هو، پسٽل خريد ڪيو هو ۽ گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو.