لاهور ۾ منٽن ۾ لذيز پيزا تيار ڪندڙ اسپائيڊر مين مشهور

لاهور: لاهور ۾ منٽن ۾ لذيز پيزا تيار ڪندڙ اسپائيڊر مين مشهور ٿي ويو آهي. اسپائيڊر مين جو ويس پائي گھمندڙ نوجوان اسپائيڊر مين جيان ڀتين تي ٽپ ته نٿو ڏئي سگھي پر 10 _15 منٽن ۾ پيزا تيار ڪري وجھندو آهي. نوجوان مهارت سان پيزو ٺاهي ٿو ۽ ان تي ذائقي لاءِ مختلف شيون شامل ڪري ٿو. نوجوان جو چوڻ آهي ته هي ڪم ڏکيو آهي پر ماڻهن جي خوشيءَ لاءِ اهو روپ اختيار ڪيو آهي.