پشاور ۾ عورت 5 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو

پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ عورت 5 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو.
ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب عورت جو واسطو لڪي مروت سان آهي، جنهن 5 ئي پٽن کي جنم ڏنو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ماءُ ۽ ٻار سڀ صحتمند آهن ۽ انهن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.