ڏکڻ آفريقا جي هوٽل ۾ ميزبان روبوٽ

جوهانسبرگ: ڏکڻ آفريقا جي هڪ هوٽل ۾ هاڻ اوهان جو استقبال روبوٽ ڪندا. هاڻ اوهان ان هوٽل ۾ ميزبان روبوٽ سان ملي سگهو ٿا ۽. انهن سان ڳالهيون ڪندي ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جو ڪوبه خطرو ناهي ڇو ته هي گوشت جي بجاءِ اليڪٽرانڪ ۽ پلاسٽڪ جي ٽڪڙن تي ٻڌل آهي.هن هوتل ۾ اوهان کي ليڪسي، ميڪاح ۽ ايريٽل نالي روبوٽ نظر ايندا جيڪي هر ممڪن طور تي اوهان جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڏٺو وڃي ته ان کان اڳ جاپاني هوٽلن ۾ روبوٽس جي گهڻائي هوندي هئي صرف 2015 ۾ ٽوڪيو جي هڪ هوٽل کي مڪمل طور تي مشينن ۽ روبوٽس جي حوالي ڪيو ويو هو. پر هن سال جوهانسبرگ جي هوٽل اسڪائي ۾ مڪمل طور تي هوٽل ميزبان موجود آهي. هي روبوٽ اهڙي ملڪ ۾ موجود آهن جتي بيروزگاري اڳ ئي بدترين بحران بڻجي چڪي آهي.ڏکڻ آفريقا ۾ بيروزگاري هن وقت 30 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. ان آڌار تي هوٽل انتظاميه چيو آهي ته اسان ماڻهن کي بيروزگار نه ڪيو آهي پر نون روبوٽن جي لاءِ جڳهه ٺاهي وئي آهي. نوان روبوٽ روم سروس فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ 300 ڪلو گرام وزن به اوهان جي ڪمري تائين پهچائي سگهن ٿا. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪورونا وائرس جو مريض هتي اچي وڃي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچي ويندي آهي.روبوٽ پنهنجي بابت ته ڪجهه ناهي ٻڌائيندو پر هو مصنوعي ذهانت سان چهرو سڃاڻڻ جا ماهر آهن ۽ اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته هوٽل ۾ ترسيل مهمان ان مان خوش آهن يا ناراض. پر هتي ايندڙ مهمان هوٽل ۾ روبوٽ ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ انهن کان مختلف ڪم به وٺندا آهن.