گليات ۾ ٽن ڏينهن جو سنو فيسٽيول ٿي گذريو

اسلام آباد: گليات ۾ ٽن ڏينهن جو ڪامياب سنو فيسٽيول ٿي گذريو جنهن ۾ سياحن اسڪينگ ۽ سنو بائيڪنگ سان رساڪشي ۽ تير اندازي جا جوهر ڏيکاريا.
گليات ۾ ٽن ڏينهن واري سنو فيسٽيول ۾ سياحن موج مستي ڪئي، موسيقي جي ڌن تي استقبال ڪيو ويو، سياحن اسڪينگ ۽ سنوبائيڪنگ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا پر گڏوگڏ رساڪشي ۽ تيراندازي جهڙي روايتي راند به کيڏي وئي، اسپورٽس سان گڏ برف جي سفيد چادر اوڍيل گليات جي خوبصورت نظارن شهرين جي دلين کي موهي ڇڏيو.