ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڀيرا ٽيسٽ ۾ ناڪامي تي دنيا جي بدترين ڊرائيور جو خطاب ماڻيندڙ شهري

لنڊن: ڊرائيونگ ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي سڀني کان پهرين ڊرائيونگ نالج ٽيسٽ پاس ڪرڻ هوندو آهي جنهن کان پوءِ ئي کين گاڏي هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي.برطانيه ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ جي خواهشمند شخص کي ان شوق کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪيتري ئي محنت ڪرڻي پئي ۽ آخرڪار 157 ڀيرا ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هو ان ٽيسٽ ۾ پاس ٿي ويو.برطانوي ڊرائيونگ اينڊ وهيڪل اسٽينڊرڊ ايجنسي(ڊي وي ايس اي) موجب هڪ برطانوي شهري ڪيترائي ڀيرا ڊرائيونگ نالج ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿي هڪ انوکو ئي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيوآهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانوي شهري ڊرائيونگ جي نظرياتي ٽيسٽ ۾ 157 ڀيرا ناڪام ٿيو ۽ ان پوري عمل ۾ ان جا 43 هزار برطانوي پائونڊ خرچ ٿيا. ڪيترن ئي خبرون ڏيندڙ ادارن طرفان ان برطانوي شهري کي دنيا جو بدترين ڊرائيور جو خطاب سان نوازيو پيو وڃي