طالبان سياسي ڪميشن جو 9 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جو سربراهه ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جو 9 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو.

ذريعن موجب قطر ۾ طالبان سياسي آفيس جي سربراهه ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جو 9 رڪني وفد قطر مان ايندڙ اڏام جي ذريعي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپرٽ پهتو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام  ڪيا ويا ۽ وفد کي سرڪاري مهمان جو درجو ڏنو ويو.

سينئر پاڪستاني اختيارين وفد جو استقبال ڪيو. ذريعن موجب طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جو وفد 16 کان 18 ڊسمبر تائين پاڪستان ۾ 3 ڏينهن رهائش اختيار ڪندو ۽ حڪومتي عهديدارن سان ڳالهيون ڪندو جنهن جي دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.

پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ طالبان سياسي ڪميشن جو وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو. پاڪستان خطي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ وڏي پيماني تي جامع سياسي تصفيه جي حمايت ڪندو رهندو.

واضح رهي ته امن ڳالهين جي سلسلي ۾ آفيس جي وفد گذريل سال آگسٽ ۾ به پاڪستان جو دورو ڪيو هو. جنهن جي دوران پاڪ افغان امن ڳالهين جي حوالي سان اهم اڳڀرائي به سامهون آئي هئي.