مجبوري ۾ پنهنجو ملڪ ڇڏيندڙن لاءِ هميشه دروازو کوليندڙ برطانوي خاندان

اتر لنڊن جي هڪ ڳوٺ ۾ ڪير به در کڙڪائي ۽ چوي ته هو جنگ جو متاثر آهي ته هي خاندان ان کي پناهه به ڏيندو ۽ کاڌو به کارائيندو.
42 سالن جي ريشل مينٽيل ۽ سندس 48 سالن جي دوست ڪرس پنهنجي هڪ ٻار سان گڏ رهندي آهي ۽ جڏهن به ڪو ان جي دروازي تي ايندو آهي ته ان کان ڪجهه به پڇڻ بغير ان کي پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏيندي ۽ کين پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهو به چوندي آهي ته ڪاش مون وٽ بهتر گهر هجي ها ته توهان کي اتي ئي ترسائي ڇڏيان ها.