نيو يارڪ :سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلهه سيتا هڊ نالي هڪ عورت جي حوالي سان بحث هلي رهيو جنهن جي پراڻن جوتن ۾ هڪ ڏيڏر گهر ٺاهي ورتو آهي. ڏيڏر به خوش آهي ۽ سمورو ڏينهن گهمي ڦري رات جو جوتن ۾ گهڙي وڃي ٿو. سيتا هڊ آمريڪي رياست ٽيڪساس جي رهواسڻ آهي ۽ هن سوشل ميڊيا تي اهڙيون تصويرون به جاري ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته گذريل سال اهو وڏو ڏيڏر سندس در ۾ ٽپا ڏئي رهيو هو جنهن کي ڏسي هن کيس ڇڏي ڏنو ۽ ڪجهه نه ڪيو. ٻئي ڏينهن ڏيڏر سندس جوتن ۾ گهر ٺاهي ورتو. صفائي ڪندڙ عورت ڏيڏر کي ڪڍي ورتو پر ڏيڏر ٻيهر جوتن ۾ موٽي آيو. ان تي مان سمجهي ويس ته ڏيڏر هنن جوتن کي گهر بڻائي ورتو آهي. ان لاءِ هن جوتن کي ان جاءِ تان نه هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هڪ نوٽ به لڳائي ڇڏيو آهي ته هي جوتا هاڻي ڏيڏر جو گهر آهن. هنن جوتن کي نه کنيو وڃي.