ڏاند کي لٺ هڻڻ پوڙهي شخص کي مهانگو پئجي ويو….

نئين دهلي: هندستان ۾ هڪ ڏاند سان هٿ چراند ڪرڻ هڪ پوڙهي شخص کي مهانگو پئجي ويو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائر ٿي وئي.
پرڏيهي خبر ايجنسي جي رپورٽ مطابق هندستاني رياست هريانا ۾ هڪ پوڙهي شخص پاسي تي بيٺل ڏاند کي لٺ هئي ته ڏاند پوڙهي شخص تي حملو ڪري ڏنو..
سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏاند کي پاسي تي بيٺل ڏسي سگهجي ٿو. پاسي تي ويٺل نوجوان به ڏاند جي حملي بعد خوفزده نظر اچن ٿا.