مصر ۾ ڪڪڙ جي ڀڳل ٽنگن جو آپريشن ڪيو ويو

قاهره: هڪ ڪڪڙ جي ڀڳل ٽنگن جو مصر جي هڪ علائقي ۾ پيچيده آپريشن ڪيو ويو آهي.
تفصيل موجب مصر جي هڪ شهر مرسي عالم ۾ هڪ گهر جي ڇت تان لهڻ کانپوءِ هڪ مرغي جي ٻنهي ٽنگون ٽٽي ويون هيون ، ڪڪڙ کي آپريشن لاء آندو ويو ۽ هن جي ٽٽل هڏين جي مرمت ڪئي وئي.
اهو پنهنجي نوعيت جو هڪ عجیب آپريشن هو ، ڪڪڙ جي آپريشن لاءِ 7000 مصري پائونڊ جو خرچ آيو. .ڊاڪٽرن موجب ڪڪڙ جي طبعيت هاڻي بهتر آهي.