امريڪا ۾ همراهه گوڙ ڪرڻ تي پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو!!

ٽيڪساس؛ امريڪا ۾ هڪ شخص گهر ۾ گوڙ ڪرڻ ء وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ تي پنهنجي ٻن ٻارن ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو.
امريڪي رياست ٽيڪساس ۾ جيمس ويب نالي شخص پنهنجي ٻن پٽن ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو ڇو ته هو گهر ۾ وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيا هئا.
جوابدار بعد ۾ پوليس کي فون ڪري پاڻ گرفتاري ڏني.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته کيس مٿي ۾ سور هو ۽ گوڙ ڪرڻ تي هن زال ۽ ٻارن کي قتل ڪيو.