ڀارت ۾ اسپتال جو بل ادا نه ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا جوڙي جو نئون ڄاول ٻار خريد ڪري ورتو

نئين دهلي: اسپتال انتظاميه جوڙي جي نئين ڄاول ٻار کي بل ادا نه ڪرڻ جي عيوض زبردستي خريد ڪري ورتو.
غیر ملڪي خبر رسان اداري جي رپورٽ موجبٻار کي زبردستي خريد ڪرڻ جو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو جتي آگرہ جي هڪ اسپتال 35000 روپين جو بل ادا نه ڪرڻ تي جوڙي جي تازي ڄاول ٻار کي خريد ڪري.
ميڊيا رپورٽن مطابق اسپتال انتظاميا رڪشا ڊرائيور شيواچرن ۽ سندس زال ببيتا کان ٻار هڪ لک روپين ۾ خريد ڪيو ڇو ته والدين وٽ بل ادا ڪرڻ لاءِ پئسا نه هئا.
اسپتال جي مئنيجر سيما گپتا چيو ته والدين ٻار کي وڪرو نه ڪيو پر ان کي گود وٺڻ لاءِ ڏنو ۽ اهي انهي طريقي سان گڏ ڪاغذ پڻ مڪمل ڪري چڪا آهن.