دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 168 انساني حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

ڪراچي: دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 4هزار 168 انساني حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن، 2 لک 20هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو ڪل انگ 2 ڪروڙ 53لک 78 هزار ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ 960 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 79هزار457 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن . ميڪسيڪو ۾ 673 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 5 هزار 974 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا،جنهن بعد ميڪسيڪو ۾ فوتين جو ڪُل انگ 63 هزار 619 ٿي ويو آهي. برازيل ۾ 398 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي هڪ لک 20 هزار 896 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15 هزار 5 سئو نوان ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا،جنهن بعد ڪورونا وائرس سبب متاثر برازيل جي شهرين جو انگ 38 لک 62 هزار 311 ٿي ويو آهي. ڪولمبيا ۾ 300، ارجنٽينا ۾ 104، ايران ۾ 103،فلپائن ۾ 102، انڊونيشيا ۾ 82،روس ۾ 68، ڏکڻ آفريڪا ۾ 48، عراق ۾ 68، ترڪي ۽ بنگلاديش ۾ ، 42 42 ۽ سعودي عرب ۾ 30ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 8 لک 50 هزار 149 ٿي ويو آهي، هڪ ڪروڙ 77 لک 781 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.