غزهه: فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس چيو آهي ته نيتن ياهو جون پاليسيون امن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. عرب ميڊيا موجب، حماس جي سينئر اڳواڻ محمود مرداوي هڪ بيان ۾ چيو ته هو غزه تي اسرائيلي قبضي جي اعلان تي حيران نه ٿيو آهي. محمود مردوي چيو ته مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي آهي ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڪنهن اهڙي معاهدي تي پهچڻ جي قابل ناهي جيڪو ٻنهي پاسن لاءِ قابل قبول هجي. حماس اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي ته نيتن ياهو ڳالهين جي ناڪامي جو ذميوار صرف ۽ صرف آهي.