ٻيون ون ڊي: ويسٽ انڊيز پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ٽرينڊاڊ: ويسٽ انڊيز برسات سبب متاثر سيريز جي ٻئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 کان برابر ڪري ڇڏي آهي.

3 ون ڊي ميچز جي سيريز جو ٻيون ميچ ٽرينيڊاد ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز پاڪستان جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم ۾ اڄ 3 تبديليون ڪيون ويون. حسن علي، محمد نواز ۽ محمد ابرار کي شامل ڪيو ويو جڏهن ته فهيم اشرف، سفيان مقيم ۽ نسيم شاهه اڄ جي پليئنگ اليون ۾ شامل نه هئا. پاڪستان جي اننگز دوران ميچ برسات سبب 3 ڀيرا روڪيو ويو جنهن کان پوءِ اننگز کي 37 اوورز تائين محدود ڪيو ويو. برسات سبب متاثر ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر 37 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون. ڊرڪ ورٿ لوئس ميٿڊ جي تحت ويسٽ انڊيز کي 35 اوورز ۾ 181 رنسن جو حدف مليو.

پاڪستان طرفان بابر اعظم ٻڙي،  محمد رضوان 16، سلمان آغا 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، صائم ايوب 23، عبدالله شفيق 26 ۽ حسين طلعت 31 رنسون ٺاهيون جڏهن ته حسن نواز 36 رنسون ۽ شاهين آفريدي 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ويسٽ انڊيز طرفان جيڊن سيلز 3، روسٽن چيز، موتي، شمار جوزف ۽ بليڊز هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز پاڪستان جو 181 رنسن جو حدف آساني سان 34هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز طرفان روسٽن چيز 49 رنسون ۽ جسٽن گريوز 26 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيا، رتهرفورڊ 45، شائي هوپ 32 ۽ ڪارٽي 16 رنسون ٺاهي سگهيا. پاڪستان طرفان حسن علي ۽ محمد نواز 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ابرار احمد هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

ياد رهي ته سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي پر ٻئي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪاميابي کان پوءِ 3 ميچز تي ٻڌل سيريز 1-1 کان برابر ٿي وئي آهي. آخري ميچ اڱاري تي کيڏيو ويندو.