اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، حڪومت قومي ڌارا ۾ انهن جي شموليت لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سموري دنيا سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي مذهبي آزادي جي لاءِ هميشه ڪوشان رهندو.

وزيراعظم چيو ته اقليتن جي فلاح، بهبود حڪومت جي ترجيحي فرضن ۾ شامل آهي ۽ انهن جي نه وسارڻ جوڳين خدمتن کي قومي اثاثو سمجهيو ويندو آهي. هن انهي ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اڄ پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا شهري ۽ مذهبي حق حاصل آهن.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي تاريخي تقرير اقليتن جي محفوظ مستقبل جي نظرياتي ضمانت آهي ۽ اسان انهي عزم جي تجديد ڪريون ٿا ته اقليتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري قومي ترقي ۾ انهن جو ڪردار وڌيڪ موثر بنايو وڃي.

هن چيو ته پاڪستان کي اقليتن جي جذبه حب الوطني ۽ ثقافتي ورثي سان لڳاءُ تي فخر آهي ۽ حڪومت انهن جي قومي ڌارا ۾ ڀرپور شموليت جي لاءِ پرعزم آهي.

Minorities have all rights