ڀارت اڃا تائين خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو:فيلڊ مارشل عاصم منير

راولپنڊي : فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت اڃا تائين خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين سان ڳالهائڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني عزت ۽ وقار جو سرچشمو آهن ۽ ٻين پاڪستانين وانگر پرجوش آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ”برين ڊرين“ نه پر ”برين گين“ آهن. هن چيو ته ڀارت پاڻ کي ”وشوا گرو“ طور پيش ڪرڻ ٿو چاهي پر عملي طور تي اهڙو ڪجهه به ناهي، ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جون سرحد پار دهشتگرد سرگرميون عالمي سطح تي شديد پريشاني جو سبب بڻيون آهن، جنهن جا مثال ڪينيڊا ۾ سِک اڳواڻ جو قتل، قطر ۾ اٺ ڀارتي نيوي آفيسرن جو معاملو ۽ ڪلڀوشن ياديو جهڙا واقعا آهن. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان ڀارت جي امتيازي ۽ ٻٽي پاليسين جي خلاف ڪامياب سفارتي جنگ وڙهي آهي، تازو ڀارتي جارحيت جيڪا شرمناڪ بهانن سان ڪئي وئي، پاڪستان جي خودمختياري جي سخت ڀڃڪڙي هئي ۽ ان ۾ بيگناهه شهرين کي شهيد ڪيو ويو، ان ڀارتي جارحيت خطي کي هڪ خطرناڪ حد تائين ڀڙڪندڙ جنگ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو، جتي ڪنهن به غلطي جي نتيجي ۾ ٻه طرفي جنگ تمام وڏي غلطي هجي ها، پاڪستان صدر ٽرمپ جو نهايت شڪرگذار آهي، جنهن جي حڪمت عملي واري قيادت سان نه رڳو جنگ ختم ٿي پر دنيا ۾ جاري ڪيترين ئي جنگين کي به روڪيو ويو آهي. سيد آصف منير چيو ته پاڪستان ان شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ اسان وڏي تڪرار کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، ڀارت هن وقت تائين علائقي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.