هانيا عامر جي موٽر سائيڪل تي ڊانس ڪندي وڊيو وائرل

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جي موٽرسائيڪل تي ناچ ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.انهن ڏينهن ۾ هانيا عامر خبرن ۾ آهي، جنهن جو سبب ٻيو ڪو به نه پر ڳائڻو عاصم اظهر آهي.اداڪارا هن هفتي عاصم اظهر جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڌماڪو ٿيو آهي.بهرحال، اداڪارا جي هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ شهر جي گهٽين تي ناچ ڪندي نظر اچي رهي آهي.هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ اداڪارا کي ڪراچي جي گهٽين تي موٽرسائيڪل هلائيندي ڏسي سگهجي ٿو.وڊيو ۾ اداڪارا موٽرسائيڪل هلائي رهي آهي ۽ ناچ ڪري رهي آهي.ان کان علاوه، هانيا عامر مختلف تصويرون پڻ شيئر ڪيون جنهن ۾ هوءَ پنهنجي دوستن سان گڏ مزو ڪندي ڏسي سگهجي ٿي، جڏهن ته هن گهوڙي سواري جو مزو به ورتو.