يوم آزادي قومي جشن ملهائڻ جو موقعو آهي، راڻا ثناءُالله جي پي ٽي آءِ کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد:وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله پي ٽي آءِ کان احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته يوم آزادي قوم جي لاءِ جشن ملهائڻ جو موقعو آهي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته تحريڪ انصاف يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي ملڪ گير احتجاج جو سڏ واپس وٺي ۽ انهي کي ڪنهن ٻئي ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. هن چيو ته 14 آگسٽ کي هلندڙ سال معرڪه حق جي ڪاميابي جي طور تي ملهايو پيو وڃي. انهي ڪري بهتر اهوئي آهي ته احتجاج کي انهي کان هڪ ڏينهن اڳ منتقل ڪيو وڃي يا بعد ۾، ته جيئن يوم آزادي جي تقريبن تي اثر نه پوي.

هن ڳالهيون ڪندي چيو ته مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف ايڪسٽينشن(نوڪري جي مدي ۾ واڌ) جو مخالف آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته 27هين آئيني ترميم هن وقت غور هيٺ نه آهي، پر آئين ۾ ڪنهن به ترميم جو اختيار صرف پارليامينٽ وٽ آهي.

ياد رهي ته 6 آگسٽ تي پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) اڪائونٽ تان هڪ پيغام جاري ٿيو هو جنهن ۾ پارٽي کي هدايت ڏني هئي وئي ته اهي ملڪ ۾ جاري فاشزم جي خلاف پوري طاقت سان روڊن تي نڪرن. اهو بيان 5 آگسٽ تي پي ٽي آءِ جي احتجاج جي ناڪام ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو هو